سائين مرنا

سائين مرنا

سائين مرنا

سائين مرنا: ننڍي کنڊ جي نامياري صوفي گائڪ، سائين مرنا جو اصل نالو تاج محمد هو. سندس جنم هندستان جي ضلعي امرتسر جي ڳوٺ منهير ۾ ٿيو، پر ڪن حوالن ۾ سندس جنم جو هنڌ فيصل آباد ڄاڻايو ويو آهي. سائين مرنا هڪ درويش صفت انسان هو، صوفي درويشن جي صحبت ۾ گهڻو وقت رهندو هو، جنهنڪري سندس ذهني لاڙو موسيقيءَ طرف ٿيو. هن صوفين جي ساز يڪتاري کي ڏسي، پنهنجي ذهني صلاحيت ۽ ڏاهپ کي ڪتب آڻيندي يڪتاري ۾ ئي ڪجهه ترميمون ڪري هڪ ساز ايجاد ڪيو، جنهن جو نالو ’وڄتر وينا‘ رکيائين. سندس ان ايجاد ۾ ربابي گهراڻي جي هڪ بزرگ به سندس مدد ڪئي. سائين مرنا پنهنجي ايجاد ڪيل ساز ’وڄتر ويڻا‘ کي تمام مهارت سان وڄائيندو هو. هيءَ ساز پنجاب ۾ اڄ تائين موجود آهي، پر هاڻي گهٽ وڄايو ويندو آهي.
سائين مرنا پهريون ڀيرو ريڊيو پاڪستان لاهور تي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو، جنهن کانپوءِ سندس رڪارڊنگ آهستي آهستي پاڪستان جي ٻين مختلف ريڊيو اسٽيشنن تان نشر ٿيندي رهي. سائين مرنا ريڊيو تي انيڪ پروگرام ڪيا، سندس وڄتر ويڻا تي ڳائڻ جو انداز ننڍي کنڊ ۾ بيحد مقبول ٿيو.
سائين مرنا بابت نامور اديب ۽ براڊڪاسٽر نصير مرزا لکيو آهي ته: ”هن ڪنهن به اسڪول ۾ تربيت ڪا نه ورتي ۽ هو پيدائشي موسيقار هو. هن جو ڪو به استاد ڪو نه هو. هو ڳائيندو يا وڄائيندو هو ته ائين لڳندو هو ته هو بس ان ڪم لاءِ پيدا ٿيو هو.“
سائين مرنا، سنڌ جي مشهور شاعر شيخ اياز جو به پسنديده فنڪار هو. سائين مرنا کي حڪومت توڙي ڪنهن سرڪاري يا غير سرڪاري تنظيم پاران ڪو به اوارڊ نه مليو آهي. سندس وفات به پراسرار ۽ الـمـناڪ انداز سان ٿي، جو سندس مڙهه ڪنهن واٽهڙوءَ کي واٽ تي هٿ آيو.
سندس وفات 27 آڪٽوبر 1961ع تي ٿي، کيس فيصل آباد جي هڪ ڳوٺ، چڪ 122، چڙانوالا ۾ دفن ڪيو ويو.


لفظ سائين مرناھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1961.10.27  عيسوي

سندس وفات 27 آڪٽوبر 1961ع تي ٿي، کيس فيصل آباد جي هڪ ڳوٺ، چڪ 122، چڙانوالا ۾ دفن ڪيو ويو.



راڳي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

خاصخيلي ذوالفقار علي
ضامن علي
الهڏنو جوڻيجو
شمشاد بيگم
ٻارٽ
پنڪج اُڌاس
الهڏنو خاصخيلي
استاد ھدو خان
امام بخش زرداري
غلام شبير سمو
راڳي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون